وزيراعظم لاهور، آصف زرداري نوابشاهه ۽ بلاول دبئي ۾ عيد ملهائيندو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ عيدالفطر اڄ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، عيدالفطر جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ عيد جي نماز جا اجتماع ٿيندا، صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد جي نماز فيصل مسجد اسلام آباد ۾ ادا ڪندو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف عيد لاهور ۾ ملهائيندو. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري عيد نوابشاهه ۾ ملهائيندو جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عيد دبئي ۾ پنهنجي ڀينرن سان گڏ ملهائيندو، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي عيد ڪوئٽه ۾ ملهائيندو. جڏهن ته ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرزا آفريدي عيد لاهور ۾ ملهائيندو. جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان عيد پنهنجي اباڻي علائقي ڊيره اسماعيل خان ۾ ملهائيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.