خيبرپختونخوا ۾ عيد ٿي وئي، خطبن ۾ مسجد نبوي صه واقعي جي مذمت

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي اترين ضلعن ۾ ڪالهه عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، خيبرپختونخواهه جي مختلف مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي وئي، ان موقعي تي ملڪ جي سالميت ۽ بقا جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون ۽ خطبن ۾ مسجد نبوي صه ۾ پيش ايندڙ واقعي جي به مذمت ڪئي وئي، پشاور ۾ عيدالفطر جو مرڪزي اجتماع چارسده روڊ تي واقع مرڪزي عيد گاهه ۾ ٿيو. جڏهن ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان ۽ صوبائي ڪابينه جي ميمبرن گورنر هائوس ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي. ڏکڻ وزيرستان جي سمورن علائقن ۾ به عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي وئي. جڏهن ته بنون، نوشهره، صوابي، ٽانڪ ۽ مردان سميت صوبي جي سمورن شهرن ۾ عيد ملهائي وئي، هزاره ڊويزن ۾ عيدالفطر سڀاڻي اڱاري جي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.