ادارن سان تڪرار ٿيو ته عمران خان سان گڏ هوندس: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اسان ادارن سان تڪرار نٿا چاهيون پر جيڪڏهن ٿيو ته عمران خان سان گڏ هوندس، پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي شيخ رشيد چيو ته وقت کان اڳ چونڊن لاءِ عمران خان حڪومت سان ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي، ماڻهو اسلام آباد آيا ته چونڊن جي تاريخ وٺڻ بنا واپس نه ويندا، اسان جي سياست ڇانئجي ويندي يا ٻڏي ٿي ويندي، هن چيو ته جنهن ڏينهن ايم ڪيو ايم وئي، اسان سمجهي وياسين ته هارائي ويا آهيون، ايم ڪيو ايم وارن هڪ ڀيرو ٻيهر غلطي ڪئي، سندس چوڻ هو ته مان عاشق رسول صه آهيان، مسجد نبوي صه واقعي سان ڪو واسطو ناهي، شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي ادارن سان جنگ ٿي ته مان عمران خان سان گڏ جبل جيان بيهندس، عمران خان کي ان جنگ ۾ حق تي سمجهان ٿو، ان سان زيادتي ٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.