بلاول سان ترڪ هم منصب جو رابطو، سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي جشن ملهائڻ تي اتفاق

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ترڪ هم منصب ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي.

ٻنهي پاڪ ترڪي سفارتي لاڳاپن کي 75 ورهيه پورا ٿيڻ جو جشن ملهائڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني موقف جي حمايت تي سندس ٿورا مڃيا.

ترڪي جي پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪيو ۽ پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ سان گڏوگڏ کيس عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ترڪ هم منصب وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

بلاول ڀٽو زرداري ترڪي طرفان ڪشمير جي معاملي تي پاڪستاني موقف جي حمايت تي پنهنجي هم منصب ميولود چائوش اولو جا ٿورا مڃيا، جڏهن ته ٻنهي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال پورا ٿيڻ جو جشن ملهائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.