مائٽن وٽ عيد ملهائڻ ويل ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ پاڻي جي ٽائنڪي ۾ ٻڏي فوت

 

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) نوشهرا ۾ جهانگير اسٽيشن روڊ تي 3 ٻار پاڻي جي ٽائنڪي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا.

فوتي ٻارن جي پيءَ ناصر خان ٻڌايو ته ٻار مائٽن جي گهر عيد ملهائڻ ويا هئا، جتي پاڻي جي ٽائنڪي موجود هئي، جنهن ۾ ٻڏي اهي فوت ٿي ويا.

ريسڪيو 1122 نوشرا جي ميڊيڪل ٽيم ٽنهي ٻارن کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندن موت جي تصديق ڪئي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڪهرام مچي ويو.

فوتين جي سڃاڻپ 6 ورهين جي بلال، 3 ورهين جي عمر ۽ 4 ورهين جي فجر جي نالن سان ٿي آهي، ٽئي فوتي ٻار پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.