روڊ حادثي حريم فاروق جي زندگي ۾ تبديلي آڻي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا حريم فاروق چيو آهي ته هڪ ڪار حادثي جي ڪري سندس زندگي ۾ وڏي تبديلي آئي.

حريم فاروق هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي زندگي ۾ آيل وڏي تبديلي بابت ٻڌايو.

هن ٻڌايو ته 2013 ۾ جڏهن مان پنهنجي ڪيريئر جي پهرئين پراجيڪٽ جي شوٽنگ ڪرائي رهي هيس ته مان هڪ خطرناڪ ڪار حادثي مان گذريس.

سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان ان حادثي ۾ منهنجي ٻانهن زخمي ٿي پر منهنجي لاءِ خوشقسمتي هئي جو سرجري ڪامياب رهي.

اداڪارا موجب ان کانپوءِ زندگي ۾ کوڙ ساريون شيون تبديل ٿي ويون، خاص طور تي جيڪي منصوبا ٺاهيندي هيس، انهن ۾ تبديلي اچي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.