مشهور گيم شو ”جيتو پاڪستان“ ۾ ڪيمرا پٺيان ڇا ٿيندو آهي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گيم شو جيتو پاڪستان، ملڪ جو مقبول شو آهي ۽ هن ۾ سون، گاڏيون، موٽر سائيڪلون ۽ ٻيا ڪيترائي قيمتي انعام ڏنا ويندا آهن.

هن شو جي پس منظر ۾ ڇا ڇا ٿيندو آهي، ان حوالي سان فهد مصطفيٰ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي.

سندس چوڻ آهي ته اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ کان کٽرايون پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن وٽ ڪيترائي آپشن هوندا آهن، هو رڳو هڪ گرام سون ئي کٽي سگهندا آهن، اسان پنهنجي مرضي موجب ڪنهن کي کٽرائي نٿا سگهون.

سندس چوڻ هو ته گيمز جا رولز روزاني جي بنياد تي تبديل ٿيندا رهندا آهن.

رپورٽ موجب شو سان گڏ هڪ تمام وڏي ٽيم ڪندي آهي، شو ۾ شريڪ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هوندو آهي، جڏهن ته ٻار به هوندا آهن جن کي سنڀالڻ لاءِ عورت رضاڪار پڻ مقرر ڪيل هونديون آهن.

انعام ورهائڻ لاءِ پڻ رضاڪار ڪم ڪندا آهن.

فهد مصطفيٰ پنهنجي مقبوليت جي حوالي سان ٻڌايو ته مون کي پهريان ڪيمرا ۾ ڳالهائڻ ڏکيو لڳندو هو اها خبر نه هوندي ته جيڪي ماڻهو گهر ويهي گيم شو ڏسن پيا مان انهن سان ڳالهايان پيو ته ڇا هو مون کي ٻڌي رهيا هوندا؟ ۽ اڄ اهو ڏينهن آهي جو منهنجي اچڻ سان نعرا لڳي ويندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.