هنداڻي سان چهري کي پرڪشش بڻايو

 

گرمين جي مند ايندي ئي هر جاءِ تي هنداڻو نظر اچڻ شروع ٿي ويندو آهي، اهو قدرت طرفان مليل اهڙو تحفو آهي، جنهن جو ڪو متبادل ناهي.

هنداڻو صحت لاءِ ته فائديمند آهي ئي پر توهان پنهنجي جلد تازي تواني رکڻ لاءِ به ان جو استعمال ڪري سگهو ٿا.

پيل آف ماسڪ

هنداڻي جو جوس ڪڍي ان ۾ کنڊ ملائي گرم ڪيو، جڏهن گهاٽو ٿي وڃي ته لاهي ڇڏيو ۽ ان کي پنهنجي چهري تي لڳايو، اهو پيل آف ماسڪ بڻجي ويو، جيڪو توهان جي اسڪن کي هڪ نئين چمڪ عطا ڪندو.

اسڪربنگ ڪريم

زيتون ۽ هنداڻي کي بلينڊ ڪري ڇڏيو، اها توهان جي زبردست اسڪربنگ ڪريم تيار ٿي وئي، ان کي چاهيو ته ڇاڻيو ۽ چاهيو ته ائين ئي استعمال ڪيو، ڪجهه ۾ ڏينهن ۾ توهان کي پنهنجي جلد تي واضح فرق نظر ايندو.

پاور بوسٽر شربت

هڪ ڪوپ هنداڻي ۽ 5 کان 6 اسٽرابيريون کڻي انهن ۾ برف وجهو، پوءِ چڱي طرح بلينڊ ڪري، توهان جو پاور بوسٽر شربت تيار آهي، اهو پيئڻ سان توهان جي توانائي واپس اچي ويندي ۽ توهان جو چهرو به جوانن وانگر نظر ايندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.