هاڻي عيدي ناهي ملندي پر ڏيڻي پوندي آهي: عاليا رياض

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر عاليا رياض چيو آهي ته عيد جي موقعي تي شاپنگ جو شوق پورو ڪندي آهيان، سمورو سال ڪرڪيٽ کيڏندي رهندي آهيان، گهڻي خريداري نه ٿي سگهندي آهي ته عيد تي گهڻي شاپنگ ڪندي آهيان ۽ شلوار قميص پهريندي آهيان.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي عاليا رياض چيو ته مان شلوار قميص، جوتا ۽ جيولري ضرور خريد ڪندي آهيان، راند ۾ مصروف رهڻ سان خريداري جو موقعو ناهي ملندو ۽ گهڻو ڪري شلوار قميص به پهري ناهيان سگهندي پر عيد تي شوق ضرور پورو ڪندي آهيان.

هن چيو ته پهريان ڪزن ۽ ساهيڙين سان خوب انجواءِ ٿيندو هو پر هاڻي سڀ مصروف ٿي ويا آهن، هڪ ٻئي لاءِ وقت ئي نٿو ملي پر منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته مان جڏهن به پاڪستان ۾ عيد ملهايان ته ان موقعي تي مائٽن سان وڌ کان وڌ وقت گذاريان.

سندس چوڻ هو ته مان هن وقت به ان انتظار ۾ هوندي آهيان ته ڪو مون کي عيدي ڏئي پر عيدي هاڻي ناهي ملندي، عيدي ڏيڻي پوندي، مان پنهنجي ڀينرن ۽ ٻارن کي عيدي ڏيندي آهيان، ڇو ته مون کي ياد آهي ته جڏهن اسان کي ماسي عيدي ڏيندي هئي ته اسان ڪيڏا خوش ٿيندا هئاسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.