صبا قمر جي ڪهڙي عادت ساٿي فنڪارن کي ناهي وڻندي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا صبا قمر جو چوڻ آهي ته مون سان ڪم ڪندڙ اداڪارن کي منهنجي وقت جي پابندي واري عادت تي شڪايت هوندي آهي.

عيد تي نئين فلم گهبرانا نهين سينما گهرن جي زينت بڻجندي، جنهن ۾ اداڪارا صبا قمر، اداڪار سيد جبران ۽ زاهد احمد مک ڪردار ادا ڪندي نظر ايندا.

زاهد احمد فلم گهبرانا نهين جي هڪ پروموشنل ايونٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته صبا جي وقت جي پابندي تي شڪايت آهي.

اداڪارا صبا قمر به چيو ته ساٿي فنڪارن کي اها شڪايت هوندي آهي، مون سان ڪم ڪرڻ وارا سڀ هيروز مون کي شڪايت ڪندا آهن ته مان هميشه وقت جي پابندي ڪندي آهيان ۽ ٻيو اهو ته مون کي هميشه پنهنجو اسڪرپٽ ياد هوندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.