عدالت ايف آءِ اي کي شهباز گل جي گرفتاري ۽ فواد چوڌري کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جون درخواستون منظور ڪندي ايف آءِ اي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وطن واپسي تي شهباز گل جي گرفتاري ۽ فواد چوڌري خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ طرفان مسجد نبوي صه واقعي تي عمران خان سميت ٻين اڳواڻن خلاف توهين مذهب ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ۽ شهباز گل جي حفاظتي ضمانت جون الڳ الڳ درخواستون ڏنيون ويون، جن تي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس درخواست تي ٻڌڻي ڪندي وڪيل کي پيش ٿيڻ جا حڪم جاري ڪيا، عدالتي حڪمن تي درخواستگذار جو وڪيل فيصل چوڌري پيش ٿيو.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته شهباز گل ڪٿي آهي، جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته هو 28 اپريل تي آمريڪا ويو ۽ 4 مئي تي سندس واپسي آهي.

عدالت شهباز شريف جي واپسي تي کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، گڏوگڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته گهرو سيڪريٽري ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته فواد چوڌري کي هراسان نه ڪيو وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري جي اپيل منظور ڪندي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ان خلاف 9 مئي تائين ڪارروائي روڪڻ جا ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ان خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.