اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ٻين کي ڪوئا چوندڙن جو پاڻ ڪوئا بڻجڻ جو وقت اچڻ وارو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا سعد رفيق تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته مخالفن سان جيلون ڀريندڙ شهزاد اڪبر ڀڄي ويو.
مخالفین سے جیلیں بھرنے والا
شہزاد البر —بھاگ گیا
پنجاب کی ڈی فیکٹوحکمران سابقہ خاتون اول کی لیڈی فرنٹ ویمن
بھاگ گئیں
نیب کوروڈ رولرکیطرح استعمال کرنیوالے ڈر کیوں رھے ھیں ؟
بقول PTI گینگ (کچھ کیا نہیں تو ڈر کیسا؟)
دوسروں کوچوھے کہنے والوں کےخود چوھے بننے کا وقت ھوا چاھتاھے— Khawaja Saad Rafique (@KhSaad_Rafique) May 2, 2022
هن چيو ته پنجاب جي ڊي فيڪٽو حڪمران اڳوڻي خاتون اول جي ليڊي فرنٽ وومين ڀڄي وئي.
سندس چوڻ هو ته نيب کي روڊ رولر جيان استعمال ڪندڙ ڊڄي ڇو رهيا آهن؟ بقول پي ٽي آءِ گينگ ڪجهه نه ڪيو اٿوَ ته ڊڄو ڇو ٿا؟
خواجا سعد رفيق چيو ته ٻين کي ڪوئا چوندڙن جو پاڻ ڪوئا بڻجڻ جو وقت اچڻ وارو آهي.