سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ قابض انتظاميا جامع مسجد سرينگر ۾ عيد نماز جي ميڙاڪي تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس سرينگر ۾ عيد نماز جي ميڙاڪي تي پابندي کي بنيادي انساني ۽ مذهبي حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي ادارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
هن اعلان ڪيو ته والاريل ڪشمير ۾ عيد ميڙاڪن تي پابندي جو معاملو عالمي سطح تي اٿارينداسين.