فرحت الله بابر جي پي ٽي آءِ اڳواڻن تي توهين مذهب ڪيسن جي مذمت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر پي ٽي آءِ اڳواڻن تي توهين مذهب جا ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي.

پنهنجي بيان ۾ فرحت الله بابر چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن تي توهين مذهب جا ڪيس ڳڻتيءَ جوڳا آهن، ماضي ۾ سدائين مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي، هاڻ به ڪيان ٿو ۽ اڳتي به ڪندس.

هن چيو ته توهين مذهب قانون جي غلط استعمال کي روڪڻو پوندو، ان قانون کي هٿيار طور استعمال نه ڪيو وڃي، توهين مذهب معاملي تي عقل کان ڪم ورتو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.