عمران خان، بائيڊن انتظاميا کان پاڪستان ۾ حڪومتي تبديلي تي وضاحت گهري ورتي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي جو بائيڊن انتظاميا کان پاڪستان ۾ حڪومتي جي تبديلي تي وضاحت گهري ورتي ۽ چيو ته ڇا آمريڪا جي ان قدم سان پاڪستان ۾ آمريڪا مخالف جذبن کي هٿي نه ملي؟

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو ته 22 ڪروڙ آبادي واري ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم کي هٽائي هٿ ٺوڪيو وزيراعظم آندو ويو، ڇا آمريڪا جي ان قدم سان پاڪستان ۾ آمريڪا مخالف جذبن کي هٿي نه ملندي؟

هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ فرمانبردار ۽ هٿ ٺوڪئي وزيراعظم جو خواهشمند ۽ پاڪستان جي يورپين وار ۾ اڻ ڌرئي ڪردار تي ڪاوڙيل هو، سازش تحت ڪرپٽ ترين ماڻهو کي وزيراعظم بڻايو ويو آهي، ان کي ان لاءِ آندو ويو ته پاڪستان جي مفادن خلاف آمريڪا جون ڳالهيون ٻڌندو، آمريڪا جنگ ۾ شرڪت ڪري اسان پنهنجي ماڻهن کي شهيد ڪرايو، آمريڪي جنگ وڙهي پاڪستان کي ڪهڙو فائدو ٿيو؟

سندس چوڻ هو سڀني کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ اسان جي حڪومت ٻاهرين سازش تحت هٽائي وئي، خط قوم سامهون رکيو، صدر، چيف جسٽس کي موڪليو ۽ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ حڪومت خلاف سازش ڪئي وئي، آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي پيغام کانپوءِ چيف جسٽس جو فرض آهي ته ڪميشن جوڙي.

عمران خان چيو اسان اوپن ٻڌڻي چاهيون ٿا ته جيئن خبر پئي ته ڪنهن ملڪ سان غداري ڪئي، انهن اسان تي ڪيس ٺاهيا پر انهن تي غداري ڪيس هلڻ گهرجن، اڄ رات سڀني کي جهنڊا کڻي پاڪستان جي آزادي لاءِ نڪرڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.