پي ٽي آءِ قيادت خلاف سڄي ملڪ ۾ داخل توهين مذهب جا ڪيس عدالت ۾ چئلينج

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پارٽي قيادت خلاف سڄي ملڪ ۾ داخل توهين مذهب ڪيسن کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

تحريڪ انصاف طرفان عمران خان سميت ٻين اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ فواد چوڌري عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان انتهائي تڪڙي نوعيت جا ڪيس موڪلن ۾ ٻه بڌڻ جو سرڪلر جاري ڪيل آهي، جنهن تحت عيد جي موڪلن ۾ به انتهائي تڪڙي نوعيت جون پٽيشنز داخل ڪري سگهجن ٿيون.

فواد چوڌري طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن کي غير قانوني طور هراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ قيادت خلاف ڪيس سامهون آندا ويندا، ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي يا پوليس جو ڪو به ايڪشن غير قانوني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

چيف جسٽس اطهر من الله موڪل باوجود پي ٽي آءِ جي درخواست بڌڻي لاءِ  مقرر ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.