ف ليگ اڳواڻ ۽ قانوني ماهر جمال ناصر بلو احتجاج بعد آزاد، پني ۾ ڌرڻو

پنوعاقل   ( ت ر )گذريل ڏينھن سکر جي عدالت مان گھر پنوعاقل واپسي ايندي روھڙي جي حد مان پٽن سميت گرفتار ڪيل نالي وارو قانوندان فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ جمال ناصر بلو کي گرفتار ڪري پنوعاقل ٿاڻي تي لاڪب ڪرڻ بعد مٿس ڌمڪين جي معراج ڀٽو پاران ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانپوءِ فنڪشنل مسلم جي اڳواڻ خليفي احمد صالح مھر ۽ وڪيل شھرين ھندو پئنچائت ٿاڻي تي ڌرڻو ھڻي جمال ناصر بلو تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس کي باعزت آزاد ڪرڻ جا نعرا ھنيا،ته ڊي آءِ جي سکر جي حڪم تي قانوندان جمال ناصر بلو کي باعزت آزاد ڪيو ويو،نالي واري قانوندان جمال ناصر بلو اسان جي نمائيندي سان ڳالھائيندي چيو ته جن ماڻهن  منھنجي خلاف اعظم تي حملي ۽ ٻين مامرن جي واويلا ڪئي آھي،انھن ماڻھون کي ڄاڻا ٿو،ھن چيو ته منھنجو الله سائين تي ايمان آھي،جيڪو به منھنجي خلاف واويلا ڪرين ٿا انھن کي سڃاڻا ٿو کين  الله سائين پھچندو ۽ مان ان تي رکان ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.