سرحد لڳ گهر کي باهه، 3 ڳئون سڙي مري ويون

گهوٽڪي( ڊ ر ) سرحد ڀرسان ولومهر واري علائقي ۾ ڳوٺاڻي عزيز الله شيخ جي گهر کي اچانڪ باهه لڳي وئي باهه لڳڻ سبب گهر ۾ بيٺل 3 ڳئون به سڙي مري ويون ان کان علاوه گهر ۾ پيل اناج ۽ سامان به سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته باهه عزيز الله شيخ جي گهر کي مڪمل طور تي ساڙي ڇڏيو ۽ ڪجهه ٻين گهرن کي به نقصان ڏنو، جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران بروقت اطلاع ڏيڻ جي باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ظابطو آڻي ورتو، جڏهن ته الهه تلهه سڙي رک ٿي وڃڻ بعد متاثر ڳوٺاڻا کيل آسمان هيٺ ويٺل رهيا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.