بدين ۾ شهرين جو عورتن تي فائرنگ خلاف احتجاج

بدين (رپورٽ:رازق ڏنوکوسو) بااثر ماڻهن پاران گهرن تي فائرنگ  ڪري، عورتن کي زخمي ڪندڙ عورتن ٻارڙن جو ايوان صحافت اڳيان ٽائرن کي باھيون ڏيئي سخت احتجاج، جوابدار موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پوليس جوابدارن سان مليل آهي احتجاجي مظاهرو ڪندڙ مسمات نورالنسا زال ذوالفقار علي ملاح. مسمات مقدس ملاح، ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي روئيندي ٻڌايو ته مرتضي خاصخيلي، ڪاشف خاصخيلي ، جيڪي منشيات، فروش جو ڌنڌو ڪندا آهن بدين پوليس انهن کان منٿلي وٺي ٿي جيڪي ڏوھاري قسم جا ماڻهو آهن اسان جي. پلاٽ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش دوران سڌا فائر ڪيا ۽ جنهن ۾ اسين زخمي ٿي پيا سين جن خلاف سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود سٽي انچارج سالم کوسو انهن کان ڳري رشوت وٺي، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي ھنن چيو ته جوابدار ھڪ سال کان اھڙيون حرڪتون  ڪندا آيا آهن پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ھنن آ۽ جي سنڌ، ڊي آئي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آهي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي ۽ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.