حيدرآباد ۾ ڏوڪري پوليس خلاف احتجاج، تشدد ۽ ڦرلٽ جو الزام

حيدرآباد(رپورٽر) لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ بيدي لاشاري جي رهواسين ڏوڪري پوليس خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي علي محمد لاشاري، الطاف لاشاري، هراڻ لاشاري، شاهه مراد لاشاري ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته 27 اپريل جي ڏينهن ڏوڪري پوليس جا اٽالا سندن ڳوٺ بيدي لاشاري تي بنا جواز ڪاهه ڪري عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪري 25 عورتن ۽ مردن کي گرفتار ڪري وٺي ويا آهن. هنن الزام هنيو ته پوليس گهرن مان قيمتي سامان، ڍڳا ڍور، سولر پليٽون ۽ ٻيو گهريلو سامان ڦر ڪري ويا آهن. هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته گهرن تي پوليس جي چڙهائي ۽ ڦرلٽ جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف ڪيو وڃي.17

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.