سڪرنڊ لڳ باهه واقعا، 2جهوپڙيون ۽ 4 ٻڪريون رک

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ باهه, چوپايو ۽ ٻيو مال سڙي ويو, خبر موجب سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ نھال لاشاري ۾ اوچتو مال جي واڙي کي باھ لڳي وئي جنھن جي نتيجي ۾ حبدار لاشاري جون چار عدد ٻڪريون سڙي مري ويون ۽ ٻيو سامان پڻ سڙي رک ٿي ويو ۔ جڏھن ته ڳوٺ فرمان چانڊيو ۾ پڻ جوڳين جي ڪکاون گھرن کي اوچتو باھ لڳي وئي جنھن ۾ ضمير جوڳي ۔ سمير جوڳي سميت ٻه گھر به سڙي رک ٿي ويا ۔ جڏھن ته محرابپور ۾ پڻ ڌڻي بخش ملاح ۽ علڻ ملاح جي گھر ٻاھران اوچتو لوڙھي کي باھ لڳي وئي بعد ۾ فائربرگيڊ گاڏي پھچي فوري باھ تي ظابطو آڻي گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو ۔ جڏھن ته ڳوٺ نٿو ڪيريو ۾ پڻ عبدارزاق ڪيريو جي لوڙھي کي باھ لڳي وئي اطلاع ملڻ تي فائربرگيڊ گاڏي پھچي باھ تي ڪنٽرول ڪري باھ وسائي ڇڏي ۔  باھ متاثر کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھن ۔ باھ سبب ھزارين روپين جي نقصان ٻڌايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.