پني عاقل پوليس 2 نوجوان هاف فراءِ ڪري ڇڏيا، مقابلي جي دعويٰ

پنوعاقل ( ت ر )پنوعاقل لڳ پوليس جو شڪي مقابلو 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار،آچر رات دير سان سانگي،بائيجي ۽ پنوعاقل ٿاڻن جي پوليس ڏوھارين سان مقابلي جي دعويٰ ڪري زڪوٽا موڙ وٽ پوليس ھٿياربند جي وچ ۾ مقابلو ٿي پيو،ان ڏس  ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ پنھنجي جاري ڪيل پريس رليز ۾ واضح ڪيو آھي رمضان ۽ جاويد ناپر لنڪ روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان ويٺل ھئا ته گشتي پوليس کي ڏسندي فائرنگ ڪري ڏني،جنھن سبب پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻي ڄڻا زخمي حالت ۾ سوگھا ڪيا ويا آھن،جن خلاف سٽي ٿاڻي تي جوابدارن جاويد ۽ رمضان ناپر جدا جدا 2 ايف آءِ آريون داخل ڪيو ويون آھن،چيو وڃي ٿو ته ڏوھاري روھڙي تعلقي جي فقيرآباد جي علائقي جا رھواسي آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.