خيرپور ۾ ٽائون ڪاميٽي ٽو جي انتظاميا خلاف احتجاج

خيرپور( ڊ ر)ٺيڙهي ٽائون ڪميٽي ٽو جي انتظاميا علائقي ۾ صفائي سٿرائي نه ڪرائڻ  ۽ گندو پاڻي گھرن ۾ ڪاهي پوڻ واري عمل خلاف شهرين ٺيڙهي پير مڱيو روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن اڳواڻي جاويد ڦلپوٽو ساجد شاھ عمران شاھ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن ٻڌايو ته ٺيڙهي ٽو جو ٽائون آفيسر ۽ ايڊمنسٽيٽر ٽائون ٽو هر مهيني جي آيل بجيٽ ڪاغذي ڪاروائي ۾ ڪوڙا ڪم ڏيکاري هڙپ ٿو ڪري جڏهن ته علائقي ۾ مڇر مار اسپري وغيره به ناهي ڪرايو. نالين جو گندو پاڻي گھرن ۾ ڪاهي پيو آهي نالين ۾ ڪابه صفائي نه ٿو ڪرائي  جڏهن ته صفائي وارو عملو ويزا تي ويل آهي جڏهن ته ڪتا مار مهم لاءِ آيل پئسا به ايڊمنسٽيٽر ۽ ٽائون  آفيس ملي ڀڳت ڪري کائي ٿا وڃن رولو ڪتن جو علائقي ۾ آزار وڌي ويو آهي ڪيترائي ماڻهون کائي چڪي وڌا آهن پر ايڊمنسٽيٽر شڪايت جي باوجود انڌي ۽ ٻوڙي وارو ڪردار ادا ٿا ڪن ۽ ڪنهن به شڪايت تي عمل نه ٿا ڪن ۽ علائقي جي ماڻهن سان ملڻ لاءِ به تيار ناهن هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ايڊمنسٽيٽر ۽ ٽائون اسان جا جائز مسئلا حل نه ڪيا ته ٽائون آفيسر هٽايو ۽ ايڊمنسٽيٽر هٽايو ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 2 بچايو جھڙي تحريڪ هلائينداسبن جنهن جي زميواري ايڊمنسٽيٽر ٺيڙهي ٽائون 2 تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.