ٿرڙي ڀرسان ٻن پورهيتن جي گهرن کي باهه

راڌڻ (ن ع آ) ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ ڪنڊيور ۾ گهرن مٿان لنگهندڙ تارن مان شعلا ڪرڻ سبب شديد باه ڀڙڪي اٿي جنهن سبب ٻن ڳوٺاڻن نبي بخش ۽ عبدالمجيد جانوري جي گهرن کي باھ لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ٻنهي گهرن ۾ رکيل اناج‘ کٽون ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته ڳوٺاڻا فقط پنهنجا سر بچائي ٻاهر نڪري سگهيا‘ اطلاعن موجب فائر برگيڊ کي اطلاع ڏيڻ باوجود وقت تي نه پهچي سگهي هوڏانهن مختيار ڪار ميهڙ ڪنڊيور پهچي جائزو ورتو مختيار ڪار جي پهچڻ تي ڳوٺاڻن پاران فائر برگيڊ وقت تي نه پهچڻ تي سخت احتجاج ڪيو جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي‘ باهه سبب الهه تلهه سڙي وڃڻ ڪري متاثر ٻئي خاندان کلي آسمان هيٺ مدد لاءِ واجهائي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.