فريدآباد باهه متاثرن جي مال کي ويڪسين نه ٿي، احتجاج، نعريبازي

فريدآباد  ( ن ع آ) فريدآباد باھ واقعو ـ ڳوٺ فيض محمد درياڻي ۾ چوپائي مال کي لمپي بيماري کان بچاءُ جي  وئڪسين نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن باھ متاثرين ذوالفقار چانڊيو  ـ ھشمت چانڊيو  ـ محمد حنيف چانڊيو اختيار علي چانڊيو  ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ـ ھنن چيو ته ڳوٺ فيض محمد درياڻي ۾ باھ لڳڻ ڪري چوپايو مال سڙي مري ويو ـ ڪجهه چوپايو مال سڙي زخمي ٿيا ھئا جن جو علاج نٿو ڪيو وڃي وٽرنري ڊاڪٽر ۽ عملو مال لاء دوائون ڏيڻ لاء تيار ناھن ـ اسان جا گھر سڙي ويا آهن مال سڙي مري ويو آهي باقي جيڪو مال زخمي آهي ان جو علاج ڪيو وڃي مال کي لمبي بيماري جي وئڪسين ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.