ڪي اين شاهه ۾ ڏنڊا ۽ سروٽا هڻي عورت قتل

خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: سيد اطهر بخاري)خيرپورناٿن شاه جي ڳوٺ بهادپور ۾ ڌراين ماڻهن کي ڳوٺ ۾ اچڻ کان منع ڪرڻ تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو عورتن ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا ڏنڍا سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جا محمد حسين چانڊيو ، علي حيدر چانڊيو ، ظهير چانڊيو ، حبيب الله چانڊيو ، دائود چانڊيو ، مسمات لعل خاتون مسمات شاهدان مسمات گوهر خاتون ۽ ٻي ڌر جا قاسم چانڊيو ، عبدالخالق چانڊيو مسمات ڇٽي زخمي ٿي پيا زخمين کي علاج لاءِ اسپتال نيو پيو ويو ته رستي ۾ مسمات لعل خاتون زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي وئي اسپتال ۾ ڊاڪٽر عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ته اسپتال ۾ عورت جي وارثن ۾ ڪيهاٽ روڄ راڙو مچي ويو مقتولا جي لاش مٿان مڙس ۽ ٻيون عورتون مرد اوڇگارون ڏئي روئيندا رهيا جڏهن ته جهيڙي جي اطلاع تي پوليس نفري امڪاني جهيڙي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپتال پهچي وئي. ڊاڪٽرن زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي کين گهر وڃڻ جي اجازت ڏني ليڊي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود نه هجڻ سبب مقتولا عورت جو لاش ٻن ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيو مقتولا عورت جي وارثن اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو جنهن بعد ايم ايس پهچي ليڊي ڊاڪٽر کي اطلاع ڏنو ٻن ڪلاڪن بعد ليڊي ڊاڪٽر اسپتال ۾ پهچي مقتولا عورت لعل خاتون جي لاش جو معائنو ڪري ضروري ڪاروئي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته جهيڙي ۾ زخمي ٿيل عورتن جي ڌڪن جو پڻ معائنو ڪرڻ بعد فرسٽ ايڊ ڏئي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ، اسپتال ۾ موجود مقتولا عورت جي وارثن ظهير چانڊيو ۽ٻين صحافين کي ٻڌايو ته آصف چانڊيو جي ڌر وارا ڌارين ماڻهن کي ڳوٺ ۾ گهرائيندا آهن جن کي منع ڪئي ته ڌارين ماڻهن کي هتي نه گهرايو جنهن ڳاله تان انهن اسان جي گهرن تي حملو ڪري عورتن ٻارڙن پوڙهن مردن کي لٺيون سروٽا ۽ ڏنڍا هڻي رتورت ڪري ڇڏيو اسان جي هڪ عورت مسمات لعل خاتون کي بيدردي سان ڏنڍا هڻي ظالمن ماري ڇڏيو فوري طور تي حملي آور گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ، جڏهن ته مقتولا عورت جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي گهرن ۾ قهرام مچي ويو ، هوڏانهن خيرپورناٿن شاه گوزو پوليس جا وڏا اٽالا ڳوٺ بهادپور پهچي امڪاني جهڙي کي ٽارڻ لاءِ ڳوٺ ۾ ڪڙو چاڙهي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، آخري اطلاع تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو ، رابطي تي پوليس ٻڌايو ته اسان کي جهيڙي بابت جيئن اطلاع مليو اسن ڳوٺ بهاپور پهچي زخمين کي تعلقا اسپتال پهچايو هڪ عورت مارجي وئي آهي جهيڙي جو ڪارڻ غير ذات جي ماڻهن کي ڳوٺ ۾ اچڻ کان منع ڪرڻ تان ٻڌايو پيو وڃي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا مقتولا جا وارث جيئن ايندا ڪيس داخل ڪندا سين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.