واپارين جو خيرپور جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي:قائم علي شاهه

خيرپور ( س ر ) واپاري تنظيم موبائيل مارڪيٽ ايسوسيئينشن جي نئين چونڊيل صدر علي ڦلپوٽو سميت  عهديدارن کي مبارڪن جو سلسلو جاري آھي ،هن سلسلي ۾ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاه جيلاني ، ايم اين اي نفيسه شاهه  جيلاني هائوس  خيرپور ۾ موبائيل ماڪيٽ جي اليڪشن ۾ عاشق عباسي پينل جي چونڊجي آيل عهديدارن سان ملاقات ڪندي کين مبارڪون ڏنيون ،ان موقعي تي انجمن تاجران خيرپور جو صدر عاشق عباسي واپاري اڳواڻ مظفر چنه ، شاهد لوڌهي ، فداحسين پٺاڻ ، وقار ڇڄڙو ، صحافي شاهد نواز سيال ، شاهنواز ڪلهوڙو  ۽  ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي سيد قائم علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  خيرپور قديمي واپاري شھر آھي خيرپور جي معيشت کي مظبوط ڪرڻ ۾ خيرپور جي واپارين جو وڏو ڪردار  رهيو آھي پ پ خيرپور سميت ملڪي  واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هميشه مثالي ڪردار ادا ڪيو آھي.ان موقعي  تي موبائيل مارڪيٽ خيرپور جي چونڊيل صدر علي ڦلپوٽو  چيو ته پيپلزپارٽي خيرپور ۾ واپارين لاءِ موبائيل مارڪيٽ، رمضان ٽريڊ سينٽر،  نيو کجور اناج منڊي، اسپيشل اڪنامڪ زون سميت وڏا وڏا پراجيڪٽ ڏنا آھن جنهن سبب اڄ سوين نوجوانن ڪاروبار ڪري خوشحال زندگي گذارين ٿا، اميد ٿا ڪريون ته مستقبل ۾ به پ پ قيادت پاران خيرپور جي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ واپارين جي ترقي لاءِ سهڪار  جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.