عيد ايندي ئي ڪراچي ۾ گاڏين وارن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا، مسافر پريشان

گلشن اقبال (رپورٽ:شفقت نوناري) عيد ويجهو ايندي ئي ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي وڏن اڏن تاج ڪامپليڪس صدر، ڪينٽ اسٽيشن، سچل ڳوٺ، سهراب ڳوٺ ۽ الاصف بس ٽرمينل تي ٽرانسپورٽ مافيا ڪراچي کان ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ اي سي ۽ نان اي سي گاڏين جا ڪرايا وڌائي ڇڏيا آهن ڪراچي کان دادو 6 جي جاءِ تي 15 سئو، لاڙڪاڻو 8 سئو جي جاءِ تي 2 هزار، شڪار پور، سکر ۽ گهوٽڪي 1 هزار جي بدران 22 سئو ڪرايو مقرر ڪيو ويو آهي ڪرائي ۾ غيرقانوني 100 سيڪڙو واڌ ڪرڻ تي هر ڪوچ جي اندر مسافرن ۽ بس عملي چڪريون معمول بڻجي ويون آهن ۽ مسافرن پاران موٽر وي پوليس کي شڪايتن باوجود موٽر وي پوليس ٽرانسپورٽ مافيا بيوس بڻيل آهي ۽ مسافرن کي ناجائز ڪراين جي مد ۾ ڦرڻ تي سنڌ سرڪار جي ٽرانسپورٽ اٿارٽي پڻ ننڊ ۾ ستل آهي ڪراچي ۾ ڪراين تي ڪنٽرول لاءِ انتظاميه متحرڪ نظر نه ٿي اچي ۽ قانون به خاموش تماشائي بڻيل آهي مسافرن احتجاج ڪندي چيو ته پراڻي پاڪستان ۾ نيئن پاڪستان کان وڌيڪ مهانگائي ۽ ظلم لڳو پيو آهي ڪير به ڪنهن کان پچڻ وارو نه آهي ٽرانسپورٽ مافيا ڳوٺن ڏانهن عيد لاءِ ويندڙ پورهيت طبقي کان پئسا ڦر ڪري رهي آهي پر حڪمرانن ڪو احساس نه آهي ڪوچ عملي جو چوڻ هو ته تيل مهانگو ٿي ويو آهي ان ڪري مجبور آهيون وڌيڪ ڪرايو وٺڻ تي ۽ واپسي تي گاڏيون خالي اچن ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.