سيٺارجا ڀرسان نوجوان تي پاڻي جي واري تان تشدد، احتجاج

سيٺارجا (ن ع آ)سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ گل محمد لنڊ ۾ ويڳن ڀائرن ۽ سئوٽن جو پاڻي جي واري تان نوجوان مصري خان لنڊ مٿان وحشياڻو تشدد ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو متاثر نوجوان مصري خان لنڊ پريس ڪلب سيٺارجا پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته منهنجا وڳا ڀائر  ۽ سئوٽ وحيد,شريف ,شفيع محمد وارن منهنجي پاڻي جي واري تي اچي منهنجي مٿان حملو ڪيو آهي لٺين ۽ سروٽا هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن جا جسم تي پڻ نشان به موجود آهن هن چيو ته مان انتهائي غريب آهيان هر دفعي اسان سان جهيڙو ڪري حق ڦٻائي رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته سيٺارجا پوليس وٽ اين سي دازل ڪرائي آهي پر جوابدار بااثر هجڻ ڪري پوليس سندن کي گرفتار نه پئي ڪري هن ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي سي خيرپور کان گهر ڪئي معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.