ملڪ ۾ مزدور ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پاڪستان ۾ مزدور ظلم، جبر، ناانصافي، مھانگائي ۽ ربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي۔ حڪمران مزدورن کان لا تعلق بنيل آھن، حڪومت وٽ مزدون ۽ ھارين جي خوشحالي جو ڪو پروگرام ناھي فيڪٽرين، صنعتي ادارن، ڪارخانن ۾ ٺيڪيداري سسٽم جي ڪري مزدور تمام گھٽ اجرت تي جبري مشڪت تي مجبور آھن۔ تعليم حاصل ڪرڻ جي عمر وارن ٻارن جو استحصال ڪري انھن کان پورھيو ورتو وڃي ٿو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ مزدور جو ٻار مزدور ٿئي ٿو، ڇو تہ پورھيت جي ٻار لاء حڪمرانن ڪو معياري تعليمي نظام ناھي ٺاھيو۔ صحت جي سھولت بہ حاصل ناھي۔ مزدور پنھنجي ھٿن سان وڏا محل ٺاھي ٿو۔ پلون ۽ رستا ٺاھي ٿو پر بدقسمتي سان پورھيت جي پنھنجي زندگي اجڙيل آھي ان وٽ بھتر گھر ۽ زندگيء جون بنيادي سھولتون ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ ڦرلٽ جو نظام ھلي رھيو آھي۔ سرمائيدار، امير ۽ حڪمران طبقو سمورن وسيلن تي قابض آھي پر پورھيت رت ۽ پگھر جي ڪمائي باوجود بي گھر ۽ بدحال بنايو ويو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ مزدور دشمن پاليسيون ختم ڪيون وڃن۔ ٺيڪيداري سسٽم ختم ڪري ملن، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ پورھيتن کي مستقل ڪيو وڃي۔ مھانگائي جي حساب سان مزدور جي اجرت وڌائي وڃي۔ پورھيتن جي ٻارن لا معياري تعليم ۽ صحت جو نظام جوڙيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.