سنڌ جي پورهيت جي حالت خراب آهي:ش ڀ يوٿ

گلشن اقبال (ن ع آ) پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو يوٿ جي چيف آرگنائزير محمد علي مير جت پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته  پهرين مئي شڪاگو جي  شهيدن جي ياد ۾ ملهايو ويندو پر افسوس جو سنڌ حڪومت مزدورن   جي حوالي سان ڪي به جوڳا  قدم نه کڻي سگهي آهي،  ملڪ ۾  وڌندڙ مهانگائي سبب مزدور طبقي ويترن   ڏکائين کي  منهن ڏئي رهيو آهي، يوٿ شهيد ڀٽو جي چيف آرگنائزير محمد علي مير جت جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته وفاقي حڪومت جي نئين جوڙ جڪ کانپوءِ مزدورن طبقي کان 25 هزار گهٽ ۾ گهٽ پگهار مقرر ڪئي وئي آهي پر افسوس جو اهو به صرف  اعلان کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، هيئنر به ڪراچي ۾ لکين مزدرون مختلف فيڪٽرن ۾ پورهيت ڪري رهيا آهن جنهن جي  پگهار 17 هزار کان وڌيڪ ناهي، ان موقعي تي محترمه غنويٰ ڀٽو وڌيڪ چيو ته سنڌ  حڪومت مڪمل ناڪام بڻجي  وئي  آهي، گذريل ڏينهن وڳڻ ۾ نوجوان ڊرائيورن جي قتل تي مذمت ڪندي جلدکان جلد قاتلن کي گرفتار ڪري انجام تائين پهچائين. ٻئي جاري ڪيل بيان ۾ يوٿ شهيد ڀٽو جي چيف آرگنائزير محمد علي مير جت، آرگنائزير صلاح الدين چاچڙ، ڊاڪٽر عبدلرئوف مغيري، لالا شفقت پٺاڻ ، عبيدالله ناريجو، امداد ڊومڪي، مير وسيم عالماڻي  ۽ ٻين وڳڻ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت امن امان برقرار رکڻ ۾ ناڪام ڏئي آهي ڏينهن ڏٺي جو پورهيتن کي قتل ڪري لاش روڊن تي اڇلايو پيو وڃي، اهڙن قسم جي واقعن سنڌ حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.