ملير پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪارروايون، گرفتاريون

ملير (ڊ.ر) ضلع ملير جي ملير ڪينٽ ۽ ملير سٽي پوليس جي ڌار ڌار ڪاروائي، ملير ڪينٽ پوليس ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري وٽان 1060 گرام چرس هٿ، ملير سٽي پوليس رڪشا تي ڇاپي دوران 50 ڪلو مضر صحت ظهور راجا جاني مڪس پتي هٿ، ايئرپورٽ پوليس هٿان اسنيپ چيڪنگ دوران هڪ موٽر سائيڪل لفٽر گرفتار چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ، جڏهن ته ملير سٽي پوليس هڪ ڪار لفٽر کي گرفتار ڪري هڪ چوري ٿيل ڪار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس ترجمان،  خبر موجب ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر جي هدايتن تي ضلع ملير ۾ منشيات فروشن، ڦوروئن ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ڪاروائيون جاري آهن ان ڏس ۾ ٿاڻي ملير ڪينٽ پوليس ڪاروائي ڪندي ٻن منشيات فروش جوابدارن آصف علي ۽ نادر علي ولد عبدالغفور کي گرفتار ڪري وٽان 1060 گرام چرس هٿ ڪري جوابدار خلاف ڪيس داخل، جڏهن ته ملير سٽي پوليس رڪشا تي ڇاپو هڻڻ دوران رڪشا ۾ لڪايل 50 ڪلو مضر صحت ظهور راجا جاني مڪس پتي هٿ ڪري رڪشا ڊرائيور عتيق ولد عبدالستار کي گرفتار ڪري جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، ٻئي طرف ايئرپورٽ پوليس طارق بن زياد سوسائٽي ۾ اسنيپ چيڪنگ دوران موٽر سائيڪل لفٽر جوابدار لائق ولد شفيق کي گرفتار ڪري وٽان 125 موٽر سائيڪل نمبرKLK-2788 هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار کان هٿ آيل موٽر سائيڪل ٻه سال اڳ ٿاڻي ملير سٽي جي علائقي مان چوري ٿيل هئي، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي، ٻئي طرف ملير سٽي پوليس دوران اسنيپ چيڪنگ هڪ ڪار لفٽر جوابدار فيصل ولد شفيق کي گرفتار ڪري وٽان سوزوڪي مارگلا ڪار AAV-205 هٿ ڪري ورتي، جوابدار کان هٿ آيل ڪار ٿاڻي شاهه فيصل جي علائقي مان چوري ٿيل هئي، جنهن جو ٿاڻي شاهه فيصل ۾ ڪار چوري جو ڪيس نمبر180/2022 قلم A381 داخل آهي، وڌيڪ جاچ لاءِ جوابدار کي اي وي ايل سي جي حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.