سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن آزاد ڪريو، نوشهري ۾ مظاهرو 

نوشھروفيروز ( ڊ ر ) سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي،جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري سميت سن مان گرفتارٿيل،ڊاڪٽر نظيرکوکر،الف سھتو،عاشق جتوئي،ضمير سھتو،سميت سن مان گرفتارٿيلن جي آزادي لائي، نوشھرو فيروز ۾ نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو،مک الله والا چونڪ روڊ بند،جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ کنڀي گم ڪيل شرجيل تڳر جي وارثن طرفان،شرجيل تڳر،زاھد مري،حيدر پلھه،رضوان بڙدي،راشد چانڊيو،سرويچ نوحاڻي،ايوب ڪانڌڙو،ظفر علي چانڊيو،انصاف دايو،مرتضيٰ جوڻيجو،ڪاشف تڳڙ،مظفر قمبراڻي،محمد علي چانڊيو،سني ڀٽي،زاھد چنو،سھيل رضاڀٽي،امداد شاھ،عبيد ميڻڪ،سجاد ٻرڙو،موھن ميگھواڙ،ڊاڪٽرفتح محمد کوسو،جي آزادي لائي نوشھروفيروز جي مک چونڪ الله والا چونڪ تي نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو،مظاھرين طرفان ڌرڻو ھڻي روڊ بند،قومي ڪارڪنن ۽ وارثن طرفان وڏي انگ ۾ شرڪت قومي ڪارڪنن جي آزادي لائي ڇتي نعري بازي،مظاھري جي اڳواڻي جسقم اڳواڻ شاھنوازسنڌي،ديشي اشفاق ملڪ،ياسين چنو،نعمان تڳر،شھباز مستوئي،اصغر ڀنگوار ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي مقرر خطاب ڪندي چيو دنيا ۾ ڪٿي ايترو ظلم،جبر،ڏاڍ ناحق ناھي جيترو اسان سنڌي قوم مٿان جاري  آھي،وڏي عرصي کان قومي ڪارڪنن جي کنڀجڻ جي عمل ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آھي،کنڀي کڻي گم ڪيلن جا وارث سڄي سنڌ ۾سراپا احتجاج بڻيل آھڻ، ڪير به سندن داد رسي ڪرڻ لائي تيار ناھي،اسيمبليون،قانون،عدالتون،پوليس،ھڪ طاقتور اداري جي اڳيان بيوس بڻيل آھن،قانون جون ڌڄيون اڏايون وڃن پيون،نوشھروپوليس مڪمل طور تي سھولت ڪار بڻيل آھي،اسان دنياجي عالمي ادارن،مذھب ملڪن،ايمسنٽي انٽر نيشنل،عالمي عدالتن،انساني حقن جي عمل بردارن کان فورن مطالبو ۽ گھر ڪيون ٿا ته نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيلن جي وارثن سان انصاف ڪري سندن بي چيني ختم وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.