ڏوڪري لڳ پوليس چڙهائي، 7 عورتون، 11 ٻارن گرفتار ڪرڻ جا الزام، لاڙڪاڻي ۾ ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ بيدي لاشاري جي رهواسي ڳوٺاڻن پوليس چڙهائي ۽ گرفتارين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي رهواسين هادي بخش، احمد خان، عبدالستار، پيارل، خدابخش لاشاري ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته ٻه ڏينهن اڳ ڊي ايس پي احسان بليدي پوليس جي 20 موبائيلن سان گڏجي اسان جي ڳوٺ تي بيگناهه چڙهائي ڪري وڏيري بادل خان لاشاري جي اوطاق، گهرن ۽ ٿريشرن کي باهيون ڏئي ڪڻڪ جون 300 مڻ ٻوريون، ڀاڻ جون 53 ٻوريون، 40 ٻڪريون، 20 مينهون، 300 سولر پليٽون، 3 سولر پلانٽ کڻي 7 عورتن ۽ 11 ٻارن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ قيد ڪري ڇڏيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته اسين بيگناهه آهيون ۽ اسان مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل ناهي پر ان جي باوجود پوليس بلاجواز اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري تنگ ڪري رهي آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته گرفتار عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرائي ڊي ايس پي احسان بليدي ۽ ٻين اهلڪارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري چوپايو مال ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.