رمضان المبارڪ جي خوشين ۾ غريبن کي به شامل ڪرڻ گهرجي : نواب وساڻ

خيرپور (س ر)صوبائي صلاحڪار  نواب علي خان  وساڻ چيو آهي ته رمضان المبارڪ برڪتن ۽ فضيلتن وارو مهينو آهي رمضان اسان کي امن ڀائيچاري جو سبق ڏئي ٿو، هن مهيني ۾  آس پاس رهندڙغريب ماڻهن جو خيال رکڻ  گهرجي ، اھڙن خيالات جو اظهار ڪوٽڏيجي ۾ رئيس علي ڏنو بگٽي جي طرفان ڏنل افطار پارٽي کي تقريب ڪندي چيو ،نواب علي وساڻ وڌيڪ چيو ته اسان کي رمضان المبارڪ جي خوشين ۾ غريب ۽ مسڪينن کي ڀي شامل ڪرڻ گهرجي ، جنهن سان اسان الله پاڪ جي رحمتون ،، برڪتون  وڌيڪ حاصل ڪري سگهون ٿا،هن چيو ته پيپلزپارٽيءَ هميشه عوامي خدمت  کي  پنهنجي  عبادت سمجهيو آهي ، هميشه عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن وجه سان نه صرف سنڌ پر پوري ملڪ جي عوام پاڪستان پيپلزپارٽي سان محبت ڪري ٿو.، ان موقعي تي صحافي شاهد نواز سيال، ثاقب صديقي، شاهنواز عباسي، انجم عباسي ۽ ٻيا موجود هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.