حيدرآباد پوليس صحافي تي حملو ڪندڙ جوابدار نه پڪڙيا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس حيدرآباد جي صحافي حاڪم لغاري تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام. حيدرآباد جي نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس حيدرآباد جي صحافي حاڪم لغاري تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن کي تاحال گرفتار نه ڪري سگھي آهي. صحافي حاڪم لغاري تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سنڌ صحافي سنگت جي چئيرمين نورسنڌي، انجمن تاجران قاسم آباد جي صدر محبوب ابڙو ۽ ٻين صحافي حاڪم لغاري تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته صحافي تي ڪنهن صورت قابل قبول نه آهي.  صحافي مظلوم عوام جا ترجمان آهن. هنن چيو ته ڪيس داخل هجڻ باجود نسيم نگر پاران جوابدار گرفتار نه ڪرڻ پوليس جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري رهيو آهي.  ھنن ايس ايس پي کان گهر ڪئي ته صحافي حاڪم لغاري تي حملو ڪندڙ جوابدار فوري گرفتار ڪيا وڃن.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.