راڌڻ لڳ مبينا قتل ٿيل ارشاد واڍي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٽائر ساڙي احتجاج

راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار)راڌڻ لڳ 6 مهينا اڳ مبينا زهر ڏئي قتل ٿيل ارشاد واڍو جي مک جوابدار جي گرفتاري ۽ راڌڻ پوليس طرفان مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ناڪو چونڪ راڌڻ تي مقتول جي پيء سراج واڍي عبيد ۽ بدرالدين واڍي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ روڊ تي ڌرڻو ھڻي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ٽريفڪ جام ڪري ڇڏي ان موقعي  مقتول جي پئ سراج واڍو عبيد بدرالدين واڍي زاھد واڍي  اعجاز ڌڻي بخش قادر. نظام الدين واڍي ۽ شيعه اڳواڻ فقير صابر حسين راڌڻ پاران ڌرڻي کي خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته مک جوابدار ممتاز جتوئي کي گرفتار ڪيو وڃي جيڪو سرعام اوطاق تي ويٺو آھي پوليس کيس گرفتار نٿي ڪري رھندو فريادين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ھراسان ڪيو ٿو وڃي جيئن جتوئي ڌر مٿان ڪيسن تان هٿ کڻون ھنن ايس ايس پي دادو کي اپيل ٿا ڪيو آھي ته  سندن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري ارشاد سومرو جي مک قاتل جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل جوابدار ڌر پاران وزيرعلي جتوئي احتجاج ڪندي صحافين سان دانھيندي چيو ته اسان راشاد واڍي جي قتل ۾ ملوث نه آھيون بلڪل اسان ميڙ منٿ ڪافلو واڍن ڏانهن موڪليون ٿا ته راڄوڻي ڪيو اسان ڏي ڏوھ ثابت ٿئي ته اسان توهان جي ھر ڳالھ مڃڻ لا تيار آھيون هن چيو ته ڪا جهتيال جي زرعي زمين 6جريب وڪرو ٿئي ٿي اسان کي چورايو ٿو وڃي ته 56لکن ۾ اها زمين وٺي ڏني وڃي ته ڪيس تان هٿ کڻڻ لا تيار آھيون اسان کين چيو ته ڪهڙي به امين ڏي راڄوڻي فيصلو ڪرايو اسان مٿان قتل جو ڏوهه ثابت ٿئي ته پوء اسان پاء پلان ھر گھرج ڏيڻ لاءِ تيار آھيون پر هو فريادي چون ٿا ته بس اسان کي زمين کپي اھا وٺي ڏيو ته ڪيس تان ھٿ کڻون سو اھو نامناسب آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.