خيرپور (س ر) خيرپور جي تاريخي درگاهه پير عيسيٰ ۾ شهنشاه حضرت پير ميان عيسيٰ بادشاه جو 3 روزه عرس 9 مئي کان شروع ٿيندو، عرس تقريبون سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ملھايو وينديو،جنھن ۾ سنڌ پنجاب جا ملھ پھلوان شرڪت ڪندا، جڏهن ته ميلي ۾ محفل موسيقيءَ ۽ ،سگهڙ ڪچهري پڻ منعقد ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ درگاھ جي سجاده نشين سردار ضياءُالدين ميتلو صحافيشاهد نواز سيال سان ڳالهائيندي چيو ته ھي درگاھون امن ۽ پيار جو درس ڏين ٿيون، حضرت ميان عيسيءٰ پڻ امن ۽ محبت جو پرچار ڪئي آهي سندس عرس مبارڪ وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويندو.، جنهن ۾ عوام لاءِ تفريح جي بيشمار موقعا فراهم ڪيا ويندا،