سکر ۾ سنگرار واسين جو پوليس ۽ بااثر خلاف احتجاج

سکر  ( رپورٽر ) سکر ۾ سنگرار جي ڳوٺ غازي خان جعفري جي رھواسين سنگرار پوليس ۽ بااثرن جي خلاف  سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ غلام نبي جعفري، غازي جعفري، وزير علي جعفري، بابن جعفري صحافين آڏو دانھيندي ٻڌايو ڳوٺ ۾ ٽريڪٽر تي وڏي آواز ۾ گانا ھلائڻ دوران روڪڻ تي بااثر  فتح علي شاهه، رفيق شاھ ، مجاھد علي شاھ، امداد شاھ بنا ڪنھن سبب جي اسان جي ماڻھن خادم جعفري، عبدالغفار جعفري، محمد يوسف جعفري تي حملو ڪري سخت زخمي ڪيو آھي، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، اھڙو اطلاع سنگرار پوليس کي ڏيڻ باوجود ايس ايڇ او سنگرار سليم ڪولاچي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ انھن سان ٻٽ بڻيل آھي، جڏھن ته جوابدار ڌر اسان کي ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، ھنن ڊي آءِ جي سکر طارق عباس قريشي، ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انھن مٿان ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ ڏئي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.