شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا: پ پ اڳواڻ

دوڙ (ن ع آ)پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي  پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي صدر دوڙ ظفر علي زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ھميشه پورھيت طبقي جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ جماعت رهي آهي مزدور ڪارڊ جاري ڪرڻ سنڌ حڪومت جو پورهيتن جي حقن لاء ھڪ تاريخي قدم آھي اسين اڄوڪي ڏھاڙي تي شڪاگو جي شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا ۽ وچن ورجايو ٿا ته پيڙهيل طبقي جي مفادن لاءِ جدوجھد جاري رکندا سين ۽ انھن کي پنھنجا حق ڏيارينداسين ته جيئن محنت ڪش طبقي جي ٻچڙن کي سٺي تعليم صحت جون سهولتون فراهم ڪرائي انهن کي زندگي جون سموريون بنيادي سهولتون ڏياري سگھجن ته جيئن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ڪندڙ طبقي جي زندگي ۾ خوشحالي اچي پورهيتن جي خوشحاليءَ ملڪ جي حقيقي معني ۾ خوشحالي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.