ٽنڊي مير علي ڀرسان جهيڙو، 6 کان وڌيڪ ماڻهو ڪهاڙيون لڳڻ سبب زخمي

ٽنڊوميرعلي (ن ع آ)ٽنڊوميرعلي ڀرسان گذريل ڏينهن ڳوٺ دينپور۾دڪان تي ويٺل نوجوان وقارعلي ملاح مٿان ساڳئي ڳوٺ جي 6 کان وڌيڪ جوابدارن  عبدالشڪور ملاح شرف الدين ملاح سعدالله ملاح ۽ٻين لٺين ۽ڪهاڙين سان حملوڪري ڏنو ڪهاڙين لڳڻ سبب هوسخت زخمي ٿي پيوجنهن کانپوءهن کي ٽنڊوميرعلي جي مقامي اسپتال ۾پهچايوويوجتان پوليس اين سي داخل ڪري علاج لاءِ ليٽرڏئي ٺري ميرواهه موڪليو ويو. جتان هن کي نازڪ حالت ۾خيرپوراسپتال ريفرڪيوويوزخمي جي وارثن ارشادعلي شاهد ملاح ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايوت اسان جو ڇوڪرو ڪراچي ۾مزدوري ڪندوهيو، جتي شرف الدين سعدالله۽ٻين سان هن جي منهن ماري ٿي هئي جنهن کان پوءهنن گذريل ڏينهن اسانجي ڇوڪري مٿان حملوڪري ڏنوهنن وڌيڪ چيوت ستار ملاح بڇ ڏيئي بنا جواز اسانجي همراه کي مارايو آھي زخمي وقارعلي جي حالت صفا نازڪ آھي  اسان ٽنڊوميرعلي چوڪي تي اين سي داخل ڪرائي آھي ۽ ليٽر وٺي ٺري ميرواه ان کانپوءِ خيرپوران کي کڻائي آيا آھيون ليڪن پوليس هن مهل تائين هڪ ب جوابدار گرفتار ناهي ڪيوهنن وڌيڪ چيوت پوليس جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي انهن کي گرفتارنٿي ڪري هنن وزيراعلئ سنڌآءجي سنڌڊي آءجي سکر ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال ۽ٻين وس وارن کان مطالبوڪيوآهي هڪدم نوٽيس وٺي ٿا  جوابدار گرفتار ڪري اسان جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.