موهن جو دڙو عيد دوران بند رهندو، نوٽيفڪيشن جاري

موهن جو دڙو ( ن ع آ )  سنڌ جو قديمي ماڳ موھن جو دڙو عيدالفطر دوران بند رھندو نوٽيفڪيشن جاري ثقافت کاتي طرفان عيدالفطر جي موڪلن دوران سنڌ جو قديم ماڳ موهن جو دڙو جا آثار قديمه بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏھن ته عام ماڻھن کي عيد دوران پارڪنگ ۽ ميوزيم ڏسڻ جي اجازت ھوندي. ان سلسلي ۾ موهن جو دڙو انتظاميا جو چوڻ آهي ته ثقافت کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ قديم ماڳ موهن جو دڙو تي عيدن جي موڪلن دوران هزارين ماڻهو گهمڻ اچن ٿا جنهن سبب قديم ماڳن کي نقصان پهچي ٿو، موڪلن دوران سيڪورٽي سخت ڪئي ويندي. ڊائريڪٽر آرڪيالاجي عبدالفتاح شيخ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي عيد دوران عام ماڻھن کي صرف پارڪنگ ۽ ميوزيم ڏسڻ جي اجازت ڏني وئي آھي، اسٽوپا سميت ٻين قديم آثارن تي پوليس سيڪيورٽي سخت ڪئي ويندي، اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سي ٽي وي ڪئميرا موهن جو دڙو جي چئوطرف لڳايون ويون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.