پنجاب جي گورنر کي هٽائڻ جي سمري ٻيهر ايوان صدر حوالي

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي گورنر کي هٽائڻ جي سمري ٻيهر ايوان صدر ڏانهن اُماڻي ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم طرفان اُماڻيل پهرين سمري تي صدر طرفان ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي، صدر کي نئين سمري تي 10 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻو آهي، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پنجاب جي گورنر شپ پيپلز پارٽي کي ملڻ جو امڪان آهي، گورنر عمر سرفراز چيما نئين وڏي وزير حمزه شهباز کي حلف کڻائڻ کان انڪار ڪندي عثمان بزدار جي استيعفيٰ رد ڪئي هئي ۽ چيو ته غير قانوني ڪابينا کي ڪڏهن به حلف نه وٺندس، گورنر جي هٽڻ کانپوءِ شهباز شريف نئين گورنر جو نالو صدر کي موڪليندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.