وزيراعظم جو لاهور دورو، پي ٽي وي جا 17 ملازم معطل

لاهور(م ڊ) پي ٽي وي پاران گذريل هفتي وزيراعظم شهبازشريف جي لاهور دوري جي ” مناسب“ ڪوريج نه ڪرڻ تي 17 ملازمن کي معطل ڪيو ويو، ڊان اخبار جي رپورٽ  مطابق حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته نشريات جي ناڪامي فائل ٽرانسفر پروٽوڪول(ايف ٽي پي) ذريعي وڊيو فوٽيج اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ گهربل جديد ليپ ٽاپ نه هئڻ سبب ٿي، ٻئي پاسي معطل ڪيل ملازمن دعويٰ ڪئي ته کين اڳوڻي حڪومت پاران مقرر ڪيل انتظاميا جي وڏن ماڻهن کي بچائڻ  لاءِ قرباني جو ٻڪر بڻايو ويو، واضح رهي ته وزيراعظم 24 اپريل تي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۽ رمضان بازارن جو دورو ڪيو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.