ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي، هڪ جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ پوليس انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون مان چوري ٿيل موبائيل فونن جي ٽمپرنگ ۾ ملوث جوابدار اسد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار جي قبضي مان چوري ٿيل 13 موبائيل فون ۽ 2 عدد ليپ ٽاپ به هٿ آيا آهن. جاچ دوران جوابدار انڪشاف ڪيو ته هو 2016 کان چوري ٿيل موبائيل فون خريد ڪري انهن جا آءِ ايم اي آءِ نمبر ٽمپرنگ ڪرڻ ۽ سافٽ فيئر اپ ڊيٽ ڪرڻ بعد قيمتي موبائيل فون اورنگي سيڪٽر 5 جي موبائيل مارڪيٽ ۾ مختلف دڪانن تي وڪرو ڪندو هو.جوابدار مختلف دڪاندارن کي 2 هزار ۽ اڍائي هزار رپين ۾ موبائيل فونن جي ٽمپرنگ به ڪري ڏيندو هو. جوابدار ليپ ٽاپ ۾ مختلف سافٽ ويئر وسيلي آءِ ايم اي آءِ نمبر ٽمپرنگ ڪرڻ ۾ ملوث آهي. پاڪستان رينجرز سنڌ پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب گرفتار جوابدار کي هٿ آيل موبائيل فونن ۽ ليپ ٽاپ سوڌو وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي. عوام کي اپيل آهي ته اهڙن عناصر بابت اطلاع فوري طور تي ويجهي رينجرز چيڪ پوسٽ ،رينجرز هيلپ لائين 1101 يا رينجرز مددگار واٽس ايپ نمبر 03479001111 تي ڪال يا ايس ايم ايس وسيلي ڏين. سندن نالو راز ۾ رهندو…

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.