پارو چڙهي ويو، 5 ڏينهن تائين سخت گرمي رهڻ جو امڪان

ڪراچي (م ڊ) موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ 5 ڏينهن تائين سخت گرمي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اڄ ڌوڙ مٽيءَ سان گڏ هوائون گهلنديون، موسميات کاتي موجب ڪراچي جي موسم گرم رهندي ۽ پارو 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي ان حوالي سان الرٽ به جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ عوام کي ڌوڙ مٽيءَ جي هوائن بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي مٽيءَ جي طوفان جو امڪان آهي، جڏهن ته حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، ٺٽي ۽ بدين ۾ به مٽيءَ سان گڏ هوائون گهلنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.