سي پيڪ تي ڪم بند ٿي چڪو آهي: ٽوئيٽر صارف

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير احسن اقبال ٽوئيٽر تي هڪ ريٽائرڊ ڪرنل جي الزامن جو جواب ڏيندي لکيو ته پنهنجي عهدي جي ڪجهه ته لڄ رکي، منفي پروپيگنڊا نه ڦهلائي، سي پيڪ ته عمران نيازي ڪوڙا ۽ بيهوده الزام هڻي بند ڪرائي ڇڏيو، ٽوئيٽر تي هڪ ريٽائرڊ ڪرنل افتخار نقوي الزام هنيو ته سي پيڪ تي ڪم بند ٿي چڪو آهي ۽ اڄ کان چيني انجنيئر گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهن، احسن اقبال وضاحت ڏني ته ن ليگ جي دور ۾ ملڪ ۾ 29 ارب ڊالر جا منصوبا شروع ٿيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ دور ۾ هڪ ڊالر جو نئون منصوبو شروع نه ٿي سگهيو، ايستائين جو جيڪي منظور ٿيل هئا اهي به سردخانن جي نظر ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.