جيل مان آزادي ماڻيندڙ ڳوٺاڻي سميت خاندان جا 6 ڄڻا قتل

بهاولپور (م ڊ) بهاولپور ۾ موٽر سائيڪل سوارن جي مسافر وين مٿان فائرنگ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويل سينٽرل جيل مان آزادي ملڻ کان پوءِ گهر وڃي رهيا هئا ته موٽر سائيڪل سوار حملي آورن کين فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز آءِ جي پنجاب کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، هوڏانهن ذريعن ٻڌايو آهي ته احمدپور شرقيه جي ڏوراهين ڳوٺ ڊڪوال جو رهواسي ارشاد گهلو جيڪو ڪافي وقت کان قتل جي ڪيس ۾ جيل ۾ بند هو اهو گذريل ڏينهن آزاد ٿيو هو. سندس مائٽ کيس جيل مان گهر وٺي وڃي رهيا هئا ته احمد پور شرقيه روڊ تي نامعلوم موٽر سائيڪلن فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب 6 ڄڻا مارجي ويا. ياد رهي ته ارشاد گهلو ڪجهه وقت اڳ مخالف برادري جي شخص کي قتل ڪيو هو.

چنڊ رات ۽ عيد تي هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽر ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي چيو ته آهي ته چنڊ رات ۽ عيد جي موقعي تي هوائي فائرنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز علائقي ۾ هوائي فائرنگ جا ذميوار هوندا.  غفلت جي صورت ۾ ڪارروائي ٿيندي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ پاران ذميوار ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پيز خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي،  هوائي فائرنگ کي روڪڻ لاءِ هيٺيان قدم کنيا ويندا، علائقي جي مسجدن ۾ آگاهي مهم هلائيندي اعلان ڪيو وڃي ته هوائي فائرنگ حرام آهي ۽ نقصان جي ڪري مذهب به ان جي اجازت نٿو ڏئي.  اهو پڻ ميڊيا ۾ اشتهار ڏنو وڃي ،  اينٽي ايئر فائرنگ اسڪواڊ جا ايس ايڇ اوز قائم ڪري چنڊ جي رات ۽ عيد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن ته جيئن هوائي فائرنگ نه ٿئي ۽ ان لاءِ هو پوليس اسٽيشن جي سطح تي اينٽي ايئر فائرنگ اسڪواڊ ٺاهي ڪارروائي ۽ روڪٿام ڪندا، گشت ۽ جوابي ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايسز پاڻ علائقي ۾هوندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته اينٽي ايئر فائرنگ اسڪواڊ فعال آهي، جتي به ڪال اچي ته ايس ايڇ اوز فوري طور تي موقعي تي پهچي ڪارروائي کي يقيني بڻائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.