مذهب ڪارڊ جي استعمال تي ن ليگ تي تنقيد

اسلام آباد(م ڊ) مسجد نبوي صلعم واقعي کانپوءِ عمران خان سميت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ تي  سوشل ميڊيا صارفن پاران تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي ان ڪيس ۾ لڳايل الزامن جي حوالي سان ن ليگ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، وڪيل ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ريما عمر لکيو ته احسن اقبال سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان کانپوءِ به توهان ڪجهه ناهي سکيو،هاڻي توهان حڪومت ۾ آهيو، ذميواري ڏيکاريو، پنهنجي سياسي مخالفن جو مقابلو سياست سان ڪريو، مذهبي چڙڏيارڻ ۽ انتقامي ڪارروائي سان نه، صحافي راءِ کرل ٽوئيٽ ڪيو ته جن ماڻهن تي ماضي ۾ جعلي ڪيس ٺهيا، اهي سڀ توڪل واري ايف آءِ آر مان گهڻو خوش آهن، خدا جي واسطي سياست کي جعلي ڪيسن ۽ وٺ پڪڙ کان پاڪ رکو، ڪارڪردگي جي بنياد تي سياست ڪريو، سماجي ڪارڪن عمار علي جان چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن تي توهين مذهب جو الزام لڳائڻ واري ايف آءِ آر جي باري ۾ ٻڌي صدمو پهتو، سياسي اسڪورنگ لاءِ توهين مذهب جي الزامن جو استعمال ناقابل قبول آهي، سياست جو بنياد نظرياتي اختلافن تي هئڻ گهرجي ،مذهب سان ڇيڙڇاڙ تي نه، ان سان انتهاپسندن جي وڌيڪ حوصلا افزائي ٿيندي، بسمه محمود لکيو ته ڪنهن خلاف مذهب ڪارڊ جي استعمال جي حمايت نٿي ڪريان، پروفيسر رسول بخش رئيس چيو ته قرارداد مقاصد جي وقت کان مذهب ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي شروعات ٿي، تڏهن کان اهو جاري آهي، ان وقت لياقت علي خان سميت قائداعظم سان گڏجي جن اڳواڻن پاڪستان قائم ڪيو هو اهي عالمن آڏو ڍير ٿي ويا،هن چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي رجحان رکندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو ووٽ بئنڪ آهي، سياستدان انهن جي مذهبي رجحان جو فائدو کڻي انهن جو استحصال ڪن ٿا، تازي واقعي تي هن چيو ته اهو واقعو ڄاڻي واڻي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ جو ان ۾ ڪو به ڪردار ناهي، اهو واقعو سعودي عرب ۾ پيش آيو تنهنڪري سعودي عرب جو مسئلو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.