7 ماڻهو مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪو ڪجهه روضه رسول صه جي ٻاهر ٿيو ان جي مذمت ڪريان ٿو. حڪومت مون کي ۽ عمران خان کي تحريڪ کان اڳ گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته راڻا ثناءُالله کي پٽو وڌو وڃي هي مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا. منهنجي حياتي کي خطرو آهي. مون پنجن ئي ايجنسين جي سربراهن کي خط لکي ڇڏيو آهي. مون خط ۾ لکيو آهي ته مون کي جيڪڏهن قتل ڪيو وڃي ته انهن ماڻهن کان جاچ ڪئي وڃي. مون درخواست ڏني آهي ته هي 7 ماڻهو مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا. مون کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار شهباز، نواز، حمزه ۽ راڻا ثناءُالله سميت 7 ماڻهو هوندا، شيخ رشيد چيو ته ن ليگ حڪومت ۾ ايندي ئي 300 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا.شيخ رشيد احمد پنهنجي ڀائٽي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شيخ راشد شفيق جي گرفتاري جي مذمت ڪندي سندس گرفتاري کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏئي ڇڏيو. شيخ رشيد چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُالله پرڏيهه ۾ ٿيندڙ واقعي جو ڪيس پنهنجي علائقي جي ٿاڻي ۾ داخل ڪرايو منهنجي گهر جي ٻاهران به سادن ڪپڙن ۾ پوليس مقرر ڪئي وئي آهي. ڇا هي سمجهن ٿا ته اسان ڊڄي لانگ مارچ کان پوئتي هٽي وينداسين، ائين نه ٿيندو پر هاڻ غدارن سان ملي جيڪا پرڏيهي سازش ٿي آهي ان ۾ هنن ماڻهن کي شڪست ملندي. لانگ مارچ ۾ عوام جو سمنڊ هوند، شيخ رشيد احمد چيو ته شيخ راشد شفيق قومي اسيمبلي جو ميمبر به آهي گهر ۾ 3 سيٽون آهن جيڪڏهن ٽئي اندر به ٿي ويا ته ڪا قيامت نه ايندي. راولپنڊي شهر لانگ مارچ لاءِ ائين نڪرندو جو هي سڀ پريشان ٿي ويندا. شيخ رشيد احمد وڌيڪ چيو ته هي اڳ ئي چئي چڪا هئا ته اسان کي هنن کي چيڀاٽڻو آهي. مان هنن جي آڏو واضح ڪريان ٿو ته اسان تيار آهيون ان سان گڏ اها به خوشي آهي ته ڪيس ۾ پنهنجي گهر جي ٿاڻي جي چونڊ ڪئي وئي. جيڪڏهن گهرو وزير پنهنجي گهر جي ٿاڻي ۾ رکڻ چاهي ٿو ته اسان اتي به رهي وٺنداسين، شيخ رشيد احمد چيو ته اسان ناموس رسالت صه جا سپاهي آهيون. جڏهن ته هي منهاج القرآن جي هٿين خالي عوام تي گوليون هلائيندڙ آهن. منهنجو ڀائٽيو ته مسجد نبوي واري واقعي ۾ موجود ئي نه هو. شيخ رشيد احمد چيو ته شروعاتي روزن ۾ مان اتي ويس ته صورتحال ڏسي سندن مدد لاءِ کين آگاهه ڪيو ته پرڏيهه ويندو ته اتان جا پاڪستاني اوهان جي ڪهڙي حالت ڪندا ان جي باري ۾ سوچي وٺو. شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن هي مون کي به گرفتار ڪن ٿا ته مان به تيار آهيون. 2 جوڙا پاڻ سان گڏ رکي وٺندس ڪوبه فرق نه پوندو، جيل منهنجي لاءِ ساهرن جو گهر آهي. ڪنهن منشيات جي ڪيس ۾ جيل نه پيو وڃان. لانگ مارچ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. عمران خان سان جبل جيان بيٺل آهيان. سمورو شهر به اسان سان گڏ آهي. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته مون اڳ ئي چيو هو ته حڪمران لانگ مارچ کان اڳ مون کي ۽ عمران خان کي گرفتار ڪندا. جيڪڏهن هي گرفتار ڪرڻ آيا ۽ آرڊر ڏيکاريو ته مان گرفتاري ڏئي ڇڏيندس، مان پهريان ئي چيو هو ته مئي جو مهينو خوفناڪ هوندو. آصف زرداري چاهي ٿو ته پنجاب ۾ گند پکڙجي. ان ڪري هاڻ پنجاب ۾ گند پکڙجي ويو آهي. هي اسان کي سليڪٽيڊ چوندا هئا اڄ اسان کين امپورٽڊ چئون ٿا. هن چيو ته شهباز شريف 14 ڀيرا فوج جي پيرن تي ڪريو. راشد شفيق جي آزادي جي خيرات نٿو گهران. سٺو آهي هو 10-15 ڏينهن اندر رهي. هي هن جي پهرين جيل آهي. مان ته رٽائرڊ ٿي رهيو هئس پر هاڻ لئي نالي ۽ عمران خان جي ڪري چونڊون وڙهندس. هنن جيڪڏهن عمران خان کي يا شيخ رشيد کي گرفتار ڪيو ته حالتون خراب ٿي وينديون. جنهن جي ذميواري هنن جي مٿان هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.